SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خودمختياري-اقتدار اعليٰ-حاڪميت جو حق


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خودمختياري-اقتدار اعليٰ-حاڪميت جو حق

Sovereignty

ساورينٽي

ڪنهن به مخصوص علائقي مٿان مڪمل خودمختياري، آزادي ۽ مالڪيءَ جي حق سان سلهاڙيل حڪمرانيءَ جي تصور کي هن اصطلاح سان واضح ڪيو وڃي ٿو. هيءُ تصور رومي سلطنت جي دور کان وٺي، جاڳرتا واري زماني (Age of Enlightenment) ۽ اڄ تائين مختلف طريقن سان بيان ٿيندو رهيو آهي، پر نئين دنيا ۾ ان جو خاڪو ” ويسٽلفيليائي معاهدي“ کان پوءِ قائم ٿيل جديد ”قومي رياستي نظام“ جي حوالي سان تسليم ڪيو وڃي ٿو. جنهن مطابق ڪابه اهڙي رياست جنهن کي علائقا سالميت، سياسي خودمختياري ۽ قانون سازيءَ جو مڪمل آزاديءَ ڀريو اختيار هجي ۽ اُها قومن جي برادريءَ ۾ برابريءَ جي بنيادن تي پنهنجو وجود تسليم ڪرائي، ته اهڙي رياست کي ”خودمختيار“ سڏي سگهجي ٿو. جنهن ۾” خودمختياريءَ“ مان مطلب ڪنهن اهڙي اعليٰ ترين سياسي سگهه اختيار ۽ ارادي جي حاصلات، قانون مطابق ادارن جي موجودگي ۽ اُنهن جي مڪمل برتري، اندروني معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت جي عدم موجودگي، قانون سازي ۽ ان جي ذريعي ٽئڪسن جي وصولي جو حق ملڪي مفادن ۾ جنگ ۽ امن ڪرڻ جي صلاحيت، مرضيءَ مطابق اتحاد ڪرڻ يا ٽوڙڻ، قومي ترجيحن مطابق سڄي دنيا سان واپار ڪرڻ، ملڪي شهرين کي رياست جي مفاد ۾ ذميواريون ڏيڻ ۽ مٿانئن مليل اختيارن موجب حاڪميت بحال ڪرڻ جي عمل کي چئبو آهي. جديد قومي رياست جي خومختياري ٽن اهم ٿنڀن ، يعني: قانون ساز ادارن (Legislative) ، حڪومتي اختياري (Executive) ۽ عدليه (Judiciary) تي بيٺل آهي، جنهن ۾ اڄڪلهه عام راءِ ۽ عام رابطي (Mass Communication) کي به تقريبن ايتري ئي اهميت حاصل آهي. انهن ادارن جي بنياد تي ئي رياست جي مڪمل اختيار وارو تصور بيٺل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ادارن ذريعي ڪابه رياست ملڪي حدن اندر غير معمولي اختيار رکندي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پاليسيون جوڙي ۽ نافذ ڪرائي ٿي، جڏهن ته ٻاهرين دنيا سان تعلق رکڻ لاءِ پرڏيهي پاليسي جوڙي قومي مفادن کي محفوظ بنائڻ ۽ انهن کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪري ٿي. جيستائين دنيا ۾ جديد قومي رياست جو وجود رهندو تيستائين اها هلي چليءَ ۾ مڪمل بااختيار رهندي. تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ بهرحال ”ڀونءِ واد“ (Globalization) جي اڳڀرائيءَ سبب ”مڪمل اختيار“ جي صلاحيت رياست کان وڏين عالمي طاقتن، صنعتي ۽ معاشي ادارن ، ميڊيا ۽ بين الاقوامي تنظيمن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي ۽ اُهي پنهنجي سياسي، سفارتي معاشي ۽ مالياتي سگهه ذريعي دنيا جي بيشمار قومن جي خودمختياريءَ کي ڪنٽرول ڪري رهيون آهن. سندن اٿاهه اثر کي مڃيندي، خاص ڪري غريب ملڪ ۽ هيڻيون رياستون بين الاقوامي لاڳاپن، توڙي اندروني پاليسين ۾ سگهارن عالمي ادارن جا مشورا، بلڪه حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري عالمي سياسي نظام، رياست جي روايت اقتدار اعليٰ جي مڃتا بجاءِ بين الاقوامي کيڏارين جي هٿن ۾ قابو ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جون اڪثر رياستون سندن طئه ڪيل معيارن مطابق پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پابند بڻجنديون پيون وڃن


Remember Me Also:

اسارو

ذ. صفت. بي سمجهه ، بي عقل ، بي خبر ، غافل ، ويسلو ، ويسارو ”وير وري ويئي، آسارن تان اوچتي“ شاهه. نستو ، بي وسيلو. ڦوڳو ، بي سوادي ، جنهن ۾ رس نه هجي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal